اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فضل الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آ??ي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد اح??ساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، انهن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو اح??ساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو اح??ساب ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آ??ي ته بح?? جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آهي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آ??ي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي ??چو?? توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.