اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ وزيراعظم عم??ان خان جي پهرين ترجيح آهي، هو عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ملڪي تاريخ جي وڏي عوا??ي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندو، اهو پئڪيج عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.