اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته اف??انستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، اف??انستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجل??س جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اف??انستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته اف??انستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان اف??انستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي اف??انستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ اف??ان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود ق??يشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته اف??انستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير رو??گار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت اف??انستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته اف??انستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان اف??اني پئسا ڪيئن موڪليندا، اف??ان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. اف??انستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.