ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي ??ي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪس??ان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ڪوارٽرز بابت گورنر هائوس سنڌ ۾ اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، گهر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي ??ي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم نه ٿيو. هن چيو ته حڪومت نئون پاڪس??ان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ وفاقي ڪابينا کي ساراهيو. صدر ??ي گذريل اجلاسن جي دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. اج??اس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن به شرڪت ڪئي.