اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ را??طو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿي?? انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد ج?? جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچ?? جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه مح??ود قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه مح??ود قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ??يگ ن به رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبل?? جي اندر احتجاج ۽ اسيمبل?? جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.