اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزير??عظ?? پاڪستان ۽ پرڏيهي ??زير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ??ئي، ملاقات ۾ ٻنهي ??اڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي ??زير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائد??عظ?? جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ??رڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي ??زارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.