اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ م??دم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چو??ري فواد حسين چيو ته چو??ري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چو??ري صاحب کي سدائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن ??خالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.