اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي حوالي سان ريفرنس جي منظوري ڏئ?? ڇڏي ??هي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي حوالي سان ريفرنس جي منظوري ڏئ?? ڇڏي ??هي. صدر آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي مشوري تي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جا ارادا ۽ مقصد، ان جي سگهه ۽ ٻ??ن لاڳاپيل معاملن تي سپريم ڪورٽ جي راءِ گهري آه??، اهو ريفرنس ڪجهه پاليامينٽ جي ناراض ميمبرن جي خبرن ۽ موجوده حالتن جي پيش نظر فائل ڪيو ويو ??هي.