راولپنڊي – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪ??تا?? ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪ??تا?? گڏيل مفادن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ اس??حڪ??م لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي اس??حڪ??م لاءِ پاڪ??تا?? جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪ??تا?? سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.