اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قط?? جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قط?? جي سفير وزيراعظم شهباز شريف ک?? وزيراعظم چونڊجڻ تي قط??ي قيادت پاران ??با??ڪباد جو پيغ??م پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قط?? جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قط??ي قيادت پاران ??با??ڪباد واري پيغام تي قط??ي سفير جا ٿورا مڃيا. هن قط?? پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قط?? جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قط?? افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قط?? نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏ?? آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.