اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليف??ن تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف ??لوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت ??و اظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت حسين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.