اسلام آباد – 26 –; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي ت?? صدمي ۽ ڏک جي حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين تان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي، واقعي جي ت??زي سان جاچ ??نداسين ۽ ڏوهارين کي قانون موجب عبرت جو نشانو بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي ت?? ڪيو.
وزيراعظم چين جي ناظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي ت?? افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي ت?? وزيراعظم ش??با?? شريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم ش??با?? شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چينين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چيو ته پورو پاڪستان چين جي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، چين واسين جي زندگي وٺندڙن کي ڦاهي جي ڦندي ت?? لٽڪائينداسين، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقابل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين جي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم ش??با?? شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم ش??با?? شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به هئا.