اسلام آباد – 17 – مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 مئي تي اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊ??ا ونگ موجب صدر سپاهي قاسم مقصود، سپاهي عزيز ۽ لانس حوالدار زبير قادر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فوجي جوانن جي شهادت تي وارثن سان تعزيت جو اظها?? ڪيو. صدر 26 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد س??اج الدين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شهيدن جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر شهيدن جي عظيم قرباني تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو.