اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خ??برو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خ??طري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل ان??ارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي اظها?? طور مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ا?? مسئلي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته ا??ي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب خاطري ڪرائي ته ا?? پي پي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ مسئلن جي حل جي خ??طري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.