ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي س??ن سادي ۽ پروقار طريقي س??ن ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي س??ندي وا??ن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻا??ر ناهيو?? نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي س??ن ملهايو ويندو.