اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ??ا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ??ابطو آندو آهي، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين، پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني آهي، هلندڙ سال اسان ??زادي جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيا آهيون ۽ ان ??لسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون ??نعقد ڪيون ??يون ??ڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، اڄ ??سان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ??ا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ ??سان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ??ا. هن چيو ته هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان ??لسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون ??نعقد ڪيون ??يون ??ڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي کي ملهائڻ جي حوالي سان ??مورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڊائمنڊ جوبلي جي هن موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ??ابطو آندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ??ابطو آندو آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪ فوج ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ??ا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آئون ??اڪستان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ ??ي پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن پر منهنجو پڪو يقين آهي ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آهنگي ۽ يڪجهتي سان ??نهن مشڪلاتن مان ??ه سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي اڄ ??زادي جو ڏهاڙو ملهائيندي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي پڻ نه وسارڻ گهرجي.