نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ??وڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ??وڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ??وڏ جي صورت??ال?? ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ??وڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ??وڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.