اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ ??ي بنياد تي طب?? امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ ??ي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ متاثر کي ر??ائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ??هڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپو?? خدمت فراهم ڪري ر??يا آهن. پاڪ فضائيه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ ??بب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ ??ون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.