ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظي?? جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل، پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ۽ دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا.