اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول مائنز کي ريلو?? لائين سان ڳنڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان ساليانو 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر ڪول مائنز کي ريلو?? لائينز سان ڳنڍڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير، خاص معاونين جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ريلوي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق ۽ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول مائنز کي ريلو?? لائين سان ڳنڍڻ سان مقامي ڪوئلو ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس سان گڏوگڏ مقامي صنعت کي پڻ فراهم ڪيو ويندو، ان سان ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي درآمد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿرڪول مائنز کي ريلو?? لائين سان ڳنڍڻ جو منصوبو حصيداري سان ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. وز??راعظم چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو، اسان کي پاڪستان اسپيڊ سان قومي اهميت جا منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن، حڪومت ڏينهن رات محنت سان پاڪستان جي ترقي جيڪا 2018ع کان 2022ع تائين ڄاڻي واڻي روڪي وئي، کي بحال ڪري رهي آهي، اسان گذريل حڪومت جي دور ۾ منصوبن کي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو. هن چيو ته گذريل حڪومت نوان منصوبا شروع ڪرڻ ته پر?? جاري منصوبا روڪي ملڪ ۽ قوم ??و پئسو برباد ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي. وز??راعظم چيو ته ٿرڪول مائنز کي ريلو?? لائين سان ڳنڍڻ سان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي جو استعمال ٿيندو، ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان 2 ارب ڊالر ساليانو کان وڌيڪ ??و پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو.