اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي ??روغ کي يقيني بڻايو وڃي، ڀارت جي ??سلمانن کي اسلامو فوبيا جي ??نفي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي هلال پاڪستان عطا ڪيو. هلال پاڪستان ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم پاران يتيم ٻارن جي ڪفالت، صحت، سماجي شعبن ۽ پاڪستان جي ??اءِ خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو. بعد ۾ صدر سان هن ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هو. صدر چيو ته ”اسلامو فوبيا“ مسلمانن کي درپيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، اسلام جي حوالي سان دنيا ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسلام دنيا جي ??اڻهن جي ??چ ۾ امن، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مختلف قومن جي ??اڻهن کي اسلام جي حقيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تصور ۽ هم آهنگي جي ??يغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي ??روغ کي يقيني بڻايو وڃي، اسلامي معاشرن ۾ دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي رجحانن جي خلاف صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀ??رت ۾ اسلامو فوبيا جي ??ڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جون پاڙون گهريون آهن ۽ ان جي رياستي سطح تي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، ڀارت جي ??سلمانن کي اسلامو فوبيا جي ??نفي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. صدر رابطا عالمي اسلامي جي عالم اسلام ۾ ڀلائي جي ??اءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ اسلامي عجائب گهر جي ??يام تي عملدرآمد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ميوزيم جي ??ڪمل ٿيڻ سان ماڻهو حضور اڪرم ﷺ جي زندگي جي ??ختلف رخن بابت ڄاڻي سگهندا. صدر پاڪستان جي انتهائي اهم مالي ضرورتن ۽ ٻوڏ سٽيلن جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ فراخدلي سان مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. رابطا اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني اسڪالرز ?? سول سوسائٽي کي اسلامو فوبيا جي ??ڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي آهي. سيڪريٽري جنرل ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي صدر جي خطاب کي پڻ ساراهيو.