اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ صارفين کي وڌ ??ان وڌ ريليف ڏي?? جي لاءِ ضروري قدم کڻ?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي توانائي واري وزارت سرديءَ جيموسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ ٻار?? جي ڪاٿن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي صارفين کي وڌ ??ان وڌ ريليف ڏي?? جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا و??ن. ??زيراعظم ان ڳالهه جي به هدايت ڪئي ته بجلي پيدا ڪر?? جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي گهٽ کان گهٽ دارومدار ڪيو و??ي ۽ مقامي وسيلن کي استعمال ڪري عوام کي سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، جنيد انور چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.