اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيز ايسوسيئيش?? جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي صدارت ايسوسيئيشن جو صدر يانگ جياندو ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاران پي ايم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 140000 آمريڪي ڊالرز جي رقم جو چيڪ وزيراعظم کي ڏنو. وزيراعظم ٻوڏ متاثري?? جي بحالي لاءِ ايسوسيئيشن پاران امدادي رقم جي فراهمي تي وفد جا ٿورا مڃيا.