اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب رو??نو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب جي گا??ي واري شهر ??ياض ۾ پنهنجي قيام دوران سعو??ي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان مشاورت ڪندا. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو.