اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ??يل ڏيڍ سال بهانا بڻائي ڪيس کي دير جو شڪار ڪيو، اسان پنهنجي ڪيس کي بيان ڪرڻ جو ڪيس (ميننگ هيئرنگ) کٽي چڪا آهيون، انهن درخواستن تي ڪيس جي لاڳت ادا ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ??يل جي شهباز شريف تي هنيل الزامن جي ٻڌڻي جي لاءِ جج ايندڙ مهيني 13 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، انهن الزامن تي تفصيلي جو??ب 13 ڊسمبر 2022ع تائين جمع ڪرائڻو آهي. شهباز شريف پاران ڪيس ۾ مختصر جو??ب اڳ ۾ ئي جمع ڪرايو ويو آهي. هتڪ عزت جي ڪيس جو ٽرائل ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندو. ڊيلي ??يل عدالت ۾ پنهنجي الزامن کي اڃا تائين ثابت ناهي ڪري سگهيو، هاڻي ان کي قا??ون کي منهن ڏيڻو پوندو.