اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت توانائي جي تحفظ جي لاءِ قابل تجديد توانائي ??سيلن تي ڌيان ڏنو آهي، توانائي جي ب??ت جي پلان تي موثر عملدرآمد سان قيمتي وسيلن جي ب??ت ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ??لن??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت قابل تجديد توانائي ??سيلن جي ذريعي انرجي مڪس کي متنوع بڻائي رهي آهي جيڪو توانائي جي تحفظ جي لاءِ اهم آهي، مقامي وسيلن تي دارومدار و??اي?? ويندو، ان سان عام ماڻهو کي ريليف ??لن??و ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ب??ت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا توانائي جي تحفظ جي منصوبي تي سنجيدگي سان غور ڪيو آهي، صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ پلان جي منظوري ڏني ويندي، غيرمعمولي وقت ۾ غيرمعمولي قدمن جي ضرورت آهي، ان جي موثر لاڳو ٿيڻ سان قيمتي وسيلن جي ب??ت ٿيندي ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ??لن??ي.