ڪراچي – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طب، انجنيئرنگ ۽ آءِ ٽي سميت مختلف پيشيواراڻي شعبن ۾ ملڪ جي پوري تعليمي ۽ امتحاني ??ظا?? جي نئين سر جوڙجڪ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته م??يا??ي انساني وسيلا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي امتحاني ??ظا?? کي عالمي م??يا?? جي برابر آڻڻ ۽ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان ۾ انٽ??ني??نل ميڊيڪل ايجوڪيشن ڪانفرنس 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ طب جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ 13 مختلف ملڪن جي 33 نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي نمائندن جي مان م ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ملڪ ۾ تعليمي م??يا?? ۾ گراوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ تعليمي م??يا?? کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته دانشورن ۽ پاڪستان جي اعليٰ تعليم يافته طبقي جي ذميواري آهي ته اهي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي فڪري ترقي تي خاص ڌيان ڏين ۽ انهن تي سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ عالمي م??يا?? جي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي جي ڪري پوري تعليمي ??ظا?? ۾ تبديلي اچي رهي آهي. پراڻو ميڊيڪل تعليمي ??ظا?? معلومات ياد رکڻ تي وڌيڪ ٻڌل هو ۽ هاڻي ٽيڪنالاجي جي ڪري نئين ??ظا?? ۾ فهم ۽ تجزيي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت، تصويرن ۽ معلومات جي سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجيز مختلف بيمارين جي بهتر سڃاڻپ ۾ ڊاڪٽرن جي مدد ڪري سگهن ٿيون ۽ مختلف بيمارين جي سمورين علامتن کي ياد رکڻ جي ضرورت کي به گهٽ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته تنهن هوندي به اها ٽيڪنالاجي پنهنجي چئلينجن کانسواءِ نه آهي ۽ چيٽ جي پي ٽي جهڙي زبان جي ماڊلز ۽ چيٽ بوٽس ۾ اڳڀرائي سان تعليمي شعبي ۾ ڪم جي م??يا?? ۽ مقابلي ۽ تحقيق جي صداقت ۽ اصليت تي پڻ گهرو اثر پوندو. صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ فيصلاساز مختلف شعبن ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي رفتار کي پوري طرح سمجهڻ کان قاصر آهن ۽ انهن کي طب سميت مختلف شعبن ۾ تيز رفتار ترقي جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي به وقت سر فيصلا ڪرڻ، پنهنجي ??ظا?? کي جديد ڪرڻ ۽ سمورن شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تيز رفتار تبديلين سان هم آهنگ ٿيڻ جي لاءِ ادارا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. صدر امتحاني ??ظا?? ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ انٽرويو جي عمل ۾ انساني تعصب تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انگن اکرن جي استعمال تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته امتحاني عمل تي به تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ م??يا??ي ۽ بهتر تربيت يافته پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ جي لاءِ فرسوده طريقن کي جديد طريقن سان تبديل ڪرڻ گهرجي. ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪاميابي جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ ۾ تعليم فراهم ڪرڻ جي روايتي ذريعن سان گڏوگڏ آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي ??ظا?? متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو ته جيئن مختصر وقت ۾ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهجي. صدر 1062ع کان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي طب ۾ شاندار خدمتن کي پڻ ساراهيو.