اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدال??يف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته لالا عبدال??يف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ??من امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدال??يف آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ به??در سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي ح??اي?? تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو ه??، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدال??يف آفريدي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدال??يف آفريدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.