ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته باغباني ۽ گلن جي ??وکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿي، ??ڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو جي ??ڳ ڀڳ آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، باغباني ۽ گلن جي ??وکيءَ جهڙا مشغلا اسان کي ذهني طور تي صحتمند بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا ڇو ته اها نه رڳو اسان جي ڀرپاسي خوبصورتي کي وڌائي ٿي پر اها صحتمند آرامده به آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلومز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته مون کي پاڪستان بلومز جي تقريب کي خطاب ڪري خوشي محسوس ٿي رهي اهي، اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته پاڪستان بلومز پاڪستان ۾ فلوري ڪلچر، هارٽيڪلچر ۽ باغباني ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ??اڪستان بلومز لاهور، پشاور، ڪراچي ۽ سوات ۾ گلن جي ??مائش ۽ اهڙا پروگرامز ڪرايا، ان تي هو ساراهه جي ??ستحق آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان بلومز ملتان جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي ??اءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هتي گل لالا (ٽيولپس) پوکڻ ۽ هوم گرائون فلاور?? کي پڻ پروموٽ ڪري رهيو آهي، اميد ڪريان ٿي ته ان سان اوليائن جي شهر جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. خاتون اول چيو ته گل اسان جي زندگي ۾ خوبصورتي ۽ رنگ ڀرين ٿا ۽ اهي اسان جي شهرن جي گهٽين ۽ پارڪن کي خوبصورت بنائڻ جي ??اءِ تمام گهڻو ضروري آهن، فلوري ڪلچر ۽ فلورل آرٽ رڳو هڪ ڪارائتو مشغلو ئي نه پر اهو اسان جي ذهني صحت جي ??اءِ پڻ تمام گهڻو فائديمند آهي. هن چيو ته باغباني ۽ گلن جي ??وکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿو، اسان سڀني کي نه رڳو پنهنجي ??احول کي صاف بڻائڻو پوندو پر اسان کي باغباني ۽ گلن جي ??وکيءَ جهڙن مشغلن کي پاڪستان ۾ فروغ ڏيڻو پوندو جنهن سان اسان جي ذهني صحت تي مثبت اثر پون. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته هڪ صحتمند ماحول جي ??اءِ گل، سبزه ۽ ٻيلا ضروري آهن، موسمياتي تبديلين، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ??احول کي صاف سٿرو رکڻ جي ??اءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اسان کي فلورل آرٽس ۽ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، ان سان نه رڳو اسان جي شهرن جي خوبصورتي ۽ رنگيني ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان ۾ فضا جو معيار ۽ مجموعي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي ورثي سان ڀرپور آهي ۽ پاڪ زمين ۾ ڪيترائي تاريخي باغ به آهن، گل اسان جي ثقافت جو هڪ لازمي حصو آهي، ??ون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان بلومزاسان جي ان ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف قسم جا گل موجود آهن ۽ اسان سڀني کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ نسلن جي ??اءِ انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ انهن کي به گل پوکڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ سيکاريو وڃي. هن چيو ته پاڪستان بلومز ملڪ ۾ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، ??ون کي يقين آهي ته تمام جلد انهن جي ??حنت ۽ لڳن ملتان ۾ جڳهه جڳهه تي نظر ايندي ۽ اوليائن جي شهر کي هڪ خوبصورت باغن ۽ رنگ برنگي گلن جو شهر بڻائيندا، پاڪستان ۾ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ ملتان شهر کي گلن سان ليس ڪرڻ جي ڪوششن جي ??اءِ پاڪستان بلومز جا دل سان ٿورا مڃان ٿي، ??اڪستان بلومز جي ڪم سان ملتان شهر جي رنگ، خوبصورتي ۽ رونق ۾ اضافو ٿيندو، درخواست ڪريان ٿي ته بلومز پنهنجي ڪم کي جاري رکي ته جيئن اسان سڀ هڪ صحتمند ۽ خوبصورت ماحول جي ??ائدن مان لطف اندوز ٿي سگهون.