اسلام آباد – 10– اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو نچوڙ آه?? جنهن قومي کي متحد رکيو آه??، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورين پارٽين گڏجي آئين جي طاقت سان ووٽ چور، سليڪٽيڊ ۽ مڙهيل ٽولي کي اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ملڪ کي معاشي ترقي ۽ پاڻڀرائپ سان همڪنار ڪري ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون آڻي آئين جي طاقت ۽ شان وڌائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پ??هنجي خصوصي پ??غام ۾ ??يو. وزيراعظم آئين جو تحفو ڏيندڙ سمورن قائدين، پارٽين ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي خراج عقيدت پيش ??يو. هن انهن سمورن مانائتين شخصيتن کي پڻ خراج تحسين پيس ڪيو ج?? 50 سالن ۾ آئين جي عزت ۽ حرمت وڌائي ۽ ان جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ??يو. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 1973ع کان 10 اپريل 2023ع تائين پاڪستان جي آئين قوم کي متحد رکيو آه??، آئين ئي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جو متفقه عمراني معاهدو آه??، دستور سمورن رياستي ادارن جي ماءُ آه??. هن چيو ته سمورين محترم شخصيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ج?? 50 سالن ۾ آئين جي عزت ۽ حرمت وڌائي ۽ ان جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ??يو. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 1973ع کان 10 اپريل 2023ع تائين دستور پاڪستان قوم کي متحد رکيو آه??، آئين ئي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جو متفقه عمراني معاهدو آه??، آئين سمورن رياستي ادارن جي ماءُ آه??. هن چيو ته سانحن، حادثن ۽ سازشي واقعن جي باوجود آئين پنهنجي وجود کي برقرار رکيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جو معمار به هو ۽ ان جي لاءِ جان قربان ڪندڙ به، وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي محترمه بينظير ڀٽو ۽ قائد محمد نواز شريف کي خاص طور تي سلام پيش ڪري ٿو ج?? آئين جي سربلندي، حفاظت ۽ فروغ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ??يو. وزيراعظم چيو ته تاريخ جو حسين اتفاق آه?? ته آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ملڪ ۾ آئين، جمهوريت ۽ عوام دوست پارٽيون اقتدار ۾ آه??، آئين جي گولڊن جوبلي اهڙي موقعي تي آئي آه?? جڏهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورين پارٽيون گڏجي آئين جي طاقت سان ووٽ چور، سليڪٽيڊ ۽ مڙهيل ٽولي کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته آئين پاڪستان جو محافظ، ان جي حفاظت جان ڏئي به ڪنداسين، ملڪ کي معاشي ترقي ۽ پاڻڀرائپ سان همڪنار ڪري ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون آڻي آئين جي طاقت ۽ شان وڌائينداسين.