اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سپريم ڪورٽ پ??يڪ??س اينڊ پروسيجر بل جي پارليامينٽ مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ا??حا??ين پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحا?? تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.