اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ??يس ڊي پي) ۾ پاڻي شعبي جي8 نئين اسڪيمن جي لاءِ 13 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ٿيندڙ پي ??يس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ چشما رائيٽ بينڪ ڪينال پراجيڪٽ جي 10 ڪروڙ، پٽ فيڊر ڪينال جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ٻوڏ جي روڪٿام جي منصوبي جي پي سي ون جي لاءِ 10 ارب رپيا، ڪڇي ڪينال منصوبي جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ضلعي ڪوهاٽ ۾ سماري پاي??ن ڊيم جي لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ سوئي ۾ اسريلي ڊيم جي لاءِ 38 ڪروڙ 57 لک رپيا رکيا ويا آهن.