اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ڊفينس ڊويزن جي 16 منصوبن جي لاءِ 3400 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 8 جاري ۽ 8 نوان منصوبا شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ڊفينس ڊويزن پاران جاري اسڪيمن جي لاءِ 2112.56 ملي?? رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 1287.43 ملي?? رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جاري اسڪيمن ۾ آءِ سي ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايگريڪلچر سسٽم جي تياري جي لاءِ 190 ملي?? رپيا، نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ايوي ايشن سٽي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ 853 ملي?? رپيا، نيشنل اسپٽيل ڊيٽا انفراسٽر??چر جي قيام جي فزيبلٽي اسٽڊي جي لاءِ 60 ملي?? رپيا، انسٽيٽيوٽ آف انڪلوسيو ايجوڪيشن اسلام آباد جي قيام لاءِ 40.43 ملي?? رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف پاڪستان اسلام آباد جي قيام لاءِ 223.55 ??لي?? رپيا، اين آ??ي ايڇ ٽي سينٽر آف ايڪسي لينس فار پريونيٽو، ڪارڊيو ويسڪولر ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي لاءِ 170 ملي?? رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف ميڊيڪل سائنس پاران اسلام اباد ۾ ميڊيڪل سٽي جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ (فيز 2) جي لاءِ 558.127 ملي?? رپيا ۽ خانپور ڊيم واٽر سورس (فيز 3) تي واٽر ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ جي لاءِ 17.45 ملي?? رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن سمورين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 880.500 ملي?? رپيا لڳايو ويو هو. ڊفينس ڊويزن جي جاري اسڪيمن نيو جنريشن نيشنل جيوڊيٽڪ ڊيٽم آف پاڪستان جي قيام لاءِ 9 ملي?? رپيا، ايريل فوٽوگرافڪ سروي جي لاءِ جديد يو اي ويز (ڊرونز) جي خريداري جي لاءِ 272 ملي?? رپيا رکيا ويا آهن. نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 5179.61 ملي?? رپيا لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 1522.614 ملي?? رپين جي غيرملڪي امداد شامل آهي.