اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي ??ين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم تر??يحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪستان ??يلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پ??هنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ??يلوي جي بحالي لاءِ حڪومت تر??يحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ??يلويز ۾ سڌارن ۽ ??ين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان ??گاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ??ين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پ??هنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ??يلوي جي بحالي لاءِ حڪومت تر??يحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺ??هيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان ??وام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪستان ??يلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.