سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ج?? اڳواڻي ۾ سيالڪوٽ سا?? تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايس سي سي آءِ) جي صدر ۽ ٻين عه??يدارن ملاقات ڪئي، وفد آءِ ايم ايف معاهدي جي حتمي ??نظ??ري ۽ ملڪ جي معاشي بحالي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي مفادن لاءِ سخت فيصلن ۾ گڏ رهڻ تي وفد جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي سيالڪوٽ چيمبر کي درپيش مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ايڪسپورٽرز کي درپيش مشڪلاتن ??ي حل ڪرڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن سهولت مرڪزن جي قيام ۽ ان سان لاڳاپيل پاليسي جوڙڻ ۽ سيالڪوٽ جي انتظاميه کي قومي شاهراهن جي تعمير ۽ موجوده شاهراهن جي مرمت ۽ بحالي جي هدايت ڪئي.