اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرا?? رهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ پنهنجي صدارت ۾ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ جاري سڌارن بابت اڳڀرائي جي جائزه اجلاس دوران ڪئي. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي ادارن بشمول ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي جا انگ اکر پيش ڪرڻ ??ان گڏوگڏ جاري سڌارن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت عالمي معيار موجب ادارن جي بهتري ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، جديد نظام ۽ بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ انهن ادارن جي بورڊ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي. ??زي??اعظم چيو ته خدمتن جي آئوٽ سورسنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شفافيت جي عنصر کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي، حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرا?? رهي. هن هدايت ڪئي ته قومي خزاني کي خساري سان نقصان پهچائيندڙ ادارن جي اصلاح کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.