اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ اياز شوڪت جي بطور ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد مقرري ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در جهانگير خان جدون جي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي عهدي تان 14 جولاءِ کان نافذ العمل استعيف??ٰ پڻ منظور ڪري ورتي آهي. ??در مقرري ۽ استعيفيٰ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل (سروس جون شرطون ۽ ضابطا) آرڊر 2015ع جي آرٽيڪل 2، 3 ۽ 6 تحت ڏني.