اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته ??يئ?? ??اڪ??تان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهجي ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن زور ڏنو ته ??اڪ??تان کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ جي لاءِ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاشري کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ ب??تر فيصلاسازي ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪوريا جو مثال ڏنو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??تان جي ماهر معاشيات ڊاڪٽر محبوب الحق جي پاليسين کي اختيار ڪيو ۽ تيزي سان ترقي ڪئي ۽ چيو ته ماضي ۾ ??اڪ??تان ۾ رڳو زباني دعويٰ ڪئي ويندي رهي پر ملڪ جي معيشت کي ترقي نه ملي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي پر جائيدادن جي خريداري ۾ ڦاسڻ بدران ??ئسو گردش ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماڻهن جي روزگار جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يورپي ملڪن پاران ??ومي رياست جو تصور ڪيترن ئي رخن کان ??اڪام ٿيو، انسانن جو استحصال ٿيو ۽ موجوده صديءَ ۾ ب?? رتوڇاڻ رڪجي نه سگهيو. صدر چيو ته ??اڪ??تان ??ڪ اسلامي جمهوري رياست آهي ۽ ان جي عوام کي قرآن، سنت ۽ ان جي عالم سڳورن جي راءِ مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت ڪندي هن چيو ته قرآن اخلاقي زندگي گذارڻ جي لاءِ سڌي راهه تي گامزن هجڻ جو حل پيش ڪيو آهي. صدر جو چون هو ته اسلام رڳو رسمن جو مذهب نه آهي پر ان جا ڪجهه بنيادي تصور آهن جن کي اختيار ڪري سڌي رستي تي هلڻ گهرجي. هن زور ڏئي چيو ته ??اڪ??تان ۾ مسلمانن کي الله جو خوف پيدا ڪرڻ گهرجي، ديانتداري ۽ تقويٰ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ ضرورتمند ۽ ڪمزور ماڻهن سان ??نڊڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر ماڻهن کي پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ، ڪميونٽي جو احساس پيدا ڪرڻ، خيرات ڏيڻ ۽ اهڙن قدرن جي پيروي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ بهتر ۽ خدا کان ڊڄڻ وارو معاشرو جوڙين. معاشري کي مجموعي طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته عورتن جي ترقي کانسواءِ ??اڪ??تان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، هن چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت جو حق ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??اڪ??تان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن ۽ تعليم کان ??حروم آهن جيڪو پاليسي سازن جي لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. ان ??وقعي تي آءِ سي سي آءِ جي صدر احسن ظفر بختاوري پڻ خطاب ڪيو ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ا?? کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي اڳوڻي صدرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.