ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني نو??وا??ن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نو??وا?? هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن، هاڻي پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نو??وا??ن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نو??وا?? نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نو??وا?? آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نو??وا??ن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نو??وا??ن کي ج??تريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو ه??. قائد عوام ته نو??وا??ن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو ه??. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پاڪستاني نو??وا??ن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌ??ڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ج?? قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ جي نو??وا??ن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، نو??وا??ن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نو??وا?? مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نو??وا??ن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نو??وا??ن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پاڪستاني نو??وا??ن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.