ڪوئٽا -12 آگسٽ (اي پ?? پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي ۽ پشتونن جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان آهي، هو ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ مان انٽرميڊيٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئٽا مان سوشلاجي ۾ گريجوئيشن ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م بلوچستان حڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انوار ا??حق ڪاڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان آزاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن بلوچستان عوامي پارٽي جي بنياد رکي. انوار ا??حق ڪاڪڙ بي اي پ?? جو مرڪزي ترجمان به رهيو. سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برطانيه، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انوار ا??حق ڪاڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معاملن ۽ پارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انوار ا??حق ڪاڪڙ کي مادري زبان پشتو کان علاوه انگريزي، فارسي، بلوچستان ۽ براهوي تي عبور حاصل آهي. انوار ا??حق ڪاڪڙ بلوچستان جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني سوچ ۽ بصيرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽين ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ برسلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي ??يا??ن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويزن جي باري ۾ بار بار گهرايو ويندو رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ جي سفارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پ??ش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ان جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ بلوچستان حڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ مضبوط بلوچستان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر ا??وار ا??حق ڪاڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.