اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي ??ما??ت جاري رکڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين ??ما??ت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط ??ما??ت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين?? پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.