اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو آهي ته بر??انيا ۾ رهندڙ پاڪستاني بر??انيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ سان بر??انوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بر??انيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بر??انيا خاص طور تي بر??انوي سياسي نظام ۾ بر??انيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته بر??انيا ۾ رهندڙ پاڪستاني بر??انيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ڪ??ڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بر??انوي سياسي قيادت ۽ بر??انيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.