اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائ??ه رضا فا??وق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ عائ??ه رضا فا??وق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائ??ه رضا فا??وق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وز??را??ظم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائ??ه رضا فا??وق وز??را??ظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وز??را??ظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.