اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽي??ڪي??ن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽي??ڪي??ن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪار??وا??ي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽي??ڪي??ن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽي??ڪي??ن جعلي آهي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽي??ڪي??ن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪار??وا??ي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽي??ڪي??ن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.