نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ??رڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران ??زي??اعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ??رڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران ??زي??اعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ??رڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ جي پا??يس?? علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.