لاهور-28 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته نگران حڪومت تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آه??، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هڪ تاريخي تعليمي ادارو آه??، سرڪاري اسڪولن جي معيار ۽ سهولتن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي 22 هين سالياني ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر جي سي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر اصغر علي زيدي، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني، بحرين جي پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر عادل بن عبدالرحمان، قاري صهيب احمد ۽ نعيم طاهر سميت فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي. تعليم واري نگران وزير چيو ته گورنمينٽ ڪاليج ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علامه اقبال جي مادر علمي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آه??. هن چيو ته هو جڏهن به لاهور ايندو آه?? ته گورنمينٽ ڪاليج کي ٻاهران ئي ڏسندو هو، اڄ جڏهن آئون هن تاريخي تعليمي اداري ۾ داخل ٿيو آه??ان ته ان جون ديوارون ۽ دريون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن جو چوڻ هو ته گورنمينٽ ڪاليج هڪ اهڙو ادارو آه?? جنهن جي عمارت ڏيڍ سئو سالن کانپوءِ به بهتر حالت ۾ قائم آه??، هتان ڪيترين ئي مشهور شخصيتن تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آه?? ۽ ڪيترين ئي نامياري شخصيتن هتان کان تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آه?? پر پاڪستان جو نالو به روشن ڪيو. هن چيو ته عوامي نمائندا اسيمبلين ۾ ويهي عوام جي حقن جو تحفظ ڪندا آه??، مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليمي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته 28 کان 30 ملين ٻار هاڻي به اسڪولن کان ٻاهر آه??، چائلڊ ليبر ٻارن جي تعليم جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آه??. هن چيو ته نگران حڪومت ٿوري عرصي لاءِ آئي آه??، ڪوشش ڪنداسين ته تعليم جي شعبي لاءِ اهڙا قدم کڻون جيڪي تقليد جوڳا هجن.تعليم واري وزير چيو ته آئون بنيادي طور تي قلمڪار آه??ان، مون کي خبر آه?? ته قوم جا مسئلا ڪهڙا آه??، مون پنهنجي وزارت سنڀالڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو ته اتي ڪيترائي مسئلا هئا ۽ اسڪول ۾ واش روم سميت ٻين سهولتن جي کوٽ هئي جنهن کي ڏسي ڏک ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آه?? ته اسان کي پنهنجي ٻارن لاءِ تعليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. مدد علي سنڌي چيو ته تعليمي مسئلن جي حل لاءِ مون سمورن صوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ گهرائي آه?? جنهن ۾ اسان ان ڳالهه جو تعين ڪنداسين ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن جي حالت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا. ڪانووڪيشن ۾ 1210 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا. 15 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پي ايڇ ڊي ، 152 کي ايم فل، 159 کي ايم ايس سي ۽ 884 کي بي ايس جي ڊگرين سان ن??از??و ويو.