اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان ??يو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ??ار?? پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ ??يو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مر??ضيٰ ملڪ، آسيه خ??ڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يو??فزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.