ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هڪ فعال جمهوريت ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي ٿي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ملڪ ۾ معاشي ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، ملڪي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان ا??ان جو قيمتي سرمايو آهن جيڪي ملڪي ترقي جي راهه مقرر ڪندا، ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ خطي جي ملڪن ۾ 36 ٽريلين ڊالر جو واپار متوقع آهي، انساني معاشري جي جوڙجڪ علم جي زيور ??ان ليس ڪرڻ ۾ آهي، پاڪستان جو آئين ڪنهن ويڙهاڪ فورس جي وجود جي اجازت نه ٿو ڏي، رياست آئين ۽ قانون تحت هلي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته جڳهه جڳهه تي شاگردن ??ان خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي جڏهن ته بلوچستان جي شاگردن ??ان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، بلوچستان جي شاگردن ک?? ٻين صوبن جا تعليمي دورا ڪرايا هئا ان حوالي ??ان استادن، سول سوسائٽي ۽ شاگردن ??ان وڌيڪ مشاورت جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي مقصديت ۾ وڌيڪ بهتري اچي، ان حوالي ??ان ايڇ اي سي ??ان پڻ رابطو ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام جا وڏا موقعا موجود آهن، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي جيڪو دنيا جي ڪجهه وڏين آبادين مان هڪ آهي جنهن جو اٽڪل 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي تخليق ۽ صلاحيتن ??ان مالامال آهن، نوجوان ا??ان جو قيمتي سرمايو آهن جيڪي ملڪي ترقي جي راهه مقرر ڪندا، قدرتي وسيلن، جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جتي ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ خطي جي ملڪن ۾ 36 ٽريلين ڊالر جو واپار متوقع آهي، پاڪستان اي سي او جو ميمبر اهي جتي 50 ڪروڙ عوام رهي ٿي، دنيا جي آبادي جو اڌ هن خطي ۾ آباد آهي جتي پاڪستان جي مرڪزي حيثيت آهي، منهنجو موقف آهي ته ا??ان هڪ ڀيرو سياسي استحڪام آڻي وٺون ته اقتصادي ترقي جون راهون به کلنديون، ائين جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان ک?? ٽيڪس گڏ ڪرڻ سميت ٻيا چئلينجز پڻ درپيش آهن، انهن ٽيڪسن جي خرچ جو پڻ هڪ چئلينج آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ک?? تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ هڪ چئلينج آهي، اسان ک?? پنهنجي نوجوانن ک?? معياري تعليم ڏيڻي آهي، موجوده انفراسٽرڪچر کي ٻين حصيدارن ??ان گڏجي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو هڪ وڏو ??نگ ٻاهرئين ملڪ آهي، جيڪڏهن ا??ان قومي ايمرجنسي لاڳو ڪريون ته اهي ماڻهو اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جا تعليمي خرچ کڻي سگهن ٿا، ا??ان جي اخلاص کي ڏسي ٻين ملڪن جا ماڻهو به ا??ان ??ان تعاون ڪري سگهن ٿا، ا??ان جي ساک ٺهڻ دنيا ۾ اهم آهي ته ا??ان ان حوالي ??ان مخلص آهيون، ان حوالي ??ان نوجوان ۽ زندگي جي ٻين شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهو منفي سوچ کان ٻاهر نڪرن ۽ معاشري جي لاءِ پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺن، تنقيد ??ان ا??ان جو ڪردار تعاون طرف اچي ويندو، اسان ک?? گڏجي اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو، تعليم جي زيور ??ان ماڻهن ک?? ليس ڪري ئي انساني معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، تعليم کانسواءِ اڄ کان 100 سالن کانپوءِ ڪنهن ملڪ وجود به ممڪن نظر نه ٿو اچي، اسان ک?? ان چئلينج جو ادراڪ ڪري ان ک?? منهن ڏيڻ جي تياري به ڪرڻي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا??ان هڪ مالياتي بحران مان گذري رهيا آهيون، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ک?? فنڊنگ جا مسئلا درپيش آهن، ا??ان هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ??ان ملاقاتون ڪيون، جنوري جي پهرين هفتي ۾ انهن ??ان ٻيهر خيالن جي ڏي وٺ لاءِ انهن ک?? گهرائينداسين ۽ عملي قدمن طرف وينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ شخص يا گروهه ڪا ويڙهاڪ فورس نٿو ٺاهي سگهي، معاشري جا اهڙا گروهه جيڪي مذهب، نسل، زبان جي بنياد تي تشدد تي لهي اچن ٿا، ان جي آئين ۾ اجازت نه آهي، آئين مسئلن جي حل لاءِ سياسي عمل جي اجازت ڏني آهي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ، اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ اچڻ جي ڪنهن تي پابندي نه آهي، شهري حقن جي نالي تي احتجاجي مارچ ڪندڙ 8 فيبروري جي چونڊن جو حصو بڻجي سگهن ٿا، ڪنهن شهري تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا کي ڪجهه قانونن تحت اظهار راءِ جو حق حاصل آهي، هر شيءَ جي حد ۽ طريقيڪار هوندو آهي، انهن قاعدن تحت اڳتي وڌي وڃي ٿو، حقن ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدالتي نظام موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ وچولي طبقي ۾ وڏو ??نگ نوجوانن جو اچي رهيو آهي ۽ مون ک?? لڳي ٿو ته سياسي ۽ سماجي بُت چور چور ٿيڻ وارا آهن، اهي نوجوان پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ليڊ ڪندا ۽ رول ماڊل هوندا. هن چيو ته بلوچستان ۾ اهي سموريون صلاحيتون موجود آهن جنهن ??ان ا??ان دنيا جي وڏي تعليمي ادارن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، اسان ک?? پنهنجي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سطح تي يونيورسٽين ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ ٽي کان چار کرب ڊالر جي تعميرات ٿي رهي آهي، انهن پنهنجا ادارا هتي موڪليا آهن جيڪي آگاهه ڪندا ته انهن ک?? ڪهڙي طرح جي فني افرادي قوت گهربل آهي، نيوٽيڪ اڃا تائين تمام گهٽ ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ا??ان جي ضرورتن موجب ڪم نه ڪري رهيو آهي، ان حوالي ??ان ايندڙ حڪومت مان اميد آهي ته اها ان تي ڪم ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن قسم جا افغان شهري رهائش پزير آهن، انهن ۾ هڪ پي او آر ڪارڊ رکندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگير آهن، انهن مان ڪنهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو، افغان ??ان جي لاءِ ايترائي محترم آهن جيترو ڪير به پاڙيسري يا ڀاءُ ٿي سگهي ٿو، انهن مختلف دورن ۾ جنگيون ڏٺيون ۽ ان کان متاثر ٿيا ۽ هجرت ڪئي، پاڪستان جا پنهنجا مسئلا آهن، پاڪستان 40 کان 50 لک افغانين جي لاءِ پنج ڏهاڪن کان هڪ ميزبان ملڪ رهيو آهي، اسان ک?? هتي ڏوهن، دهشتگردي ۽ وسيلن جا چئلينجز درپيش آهن، جن افغانين ک?? اولهندي ملڪ پاڻ وٽ رهائڻ چاهين ٿا انهن ک?? به ا??ان واپس ناهي موڪليو، ا??ان انهن ک?? هتي عارضي رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان مان غيردستاويزي ماڻهن ک?? واپس موڪليو پيو وڃي، انهن هتي رجسٽريشن ناهي ڪرائي، انهن ک?? هتي رهڻ جو ڪو حق نه آهي، انهن ک?? واپس وڃڻو پوندو، اهي ماڻهو دستاويزن ??ان گڏ ٻيهر پاڪستان اچي سگهن ٿا، ا??ان افغانستان ک?? آزاد ۽ خودمختيار ملڪ سمجهون ٿا، هو دنيا وانگر پنهنجي شهرين جي لڏپلاڻ جي حوالي ??ان عالمي اصول تي هلي.