اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وفاقي ادارن ??ي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي دورن ??ي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پ??ران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن ??ي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سرڪاري يا نجي دورن ??ي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽ??يز کي چيو ويو آهي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪر??ئڻ کي يقيني بڻائين.