اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ??ار??ياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ??نجيدگي سان ڏسي ٿي، ان حوالي سان جوڙيل ٺوس سفارشون ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي قائم ڪيل ڪميشن، ڪميٽي جي راءِ، اعليٰ عدالتن جي رهنمائي، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي راءِ جي ڏس ۾ نگران حڪومت ڊگهي غور فڪر کانپوءِ ٺوس سفارشون جوڙيون آهن جن کي ??يندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.